ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: صدر


Governor Punjab Ch. Muhammad Sarwar called on President Dr. Arif Alvi at Governor House Lahore on February 26, 2022.

اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ

متعلقہ مضامین