اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان جي اهتمام هيٺ قرارداد کي منظور ڪندي 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان جي قرارداد جي حمايت او آءِ سي جي سڀني ملڪن سان گڏوگڏ چين ۽ روس به ڪئي، هن ان اڳڀرائي کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ مسلمان دنيا کي مبارڪباد هجي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا