ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جا فيصلائتا ڏينهن آهن، جنهن ۾ ملڪ جي تقدير جو فيصلو ٿيندو، 27 مارچ تي قوم گهرن مان نڪري، اسلام آباد پهچي ۽ دنيا کي ٻڌائي ته اسان سچائي ۽ حق سان گڏ آهيون ۽ چورن، ڦورن ۽ منافقن جي خلاف بيٺل آهيون: عمران خان


APP76-160322 SWAT: March 16 - Prime Minister Imran Khan addressing a public gathering in Saidu Sharif. APP

سيدو شريف – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جا فيصلائتا ڏينهن آهن، جنهن ۾ ملڪ جي تقدير جو فيصلو ٿيندو، 27 مارچ تي قوم گهرن مان نڪري، اسلام آباد پهچي ۽ دنيا کي ٻڌائي ته اسان سچائي ۽ حق سان گڏ آهيون ۽ چورن، ڦورن ۽ منافقن جي خلاف بيٺل آهيون، عمران خان آمريڪي صدر سميت عالمي حڪمرانن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڇا پئسن جي زور تي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪرڻ جي قانون اجازت ڏي ٿو؟ ٽن جي ٽولي کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن عمران خان وڌيڪ اقتدار ۾ رهيو ته انهن جو مقدر جيل هوندو پر آئون هڪ بال سان ٽئي وڪيٽون اڏائيندس، دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍڻ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي جي خلاف دنيا جي هر فورم تي موثر انداز ۾ آواز اٿاريو جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن ۾ هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي تدارڪ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گراسي گرائونڊ سيدو شريف سوات ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم جڏهن جلسي گاهه پهتو ته پرجوش نعرن سان سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته هو شاندار استقبال تي سوات جي پرجوش ٽائيگھرز جا ٿورا مڃي ٿو، سوات جي عوام بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ بيٽ جو نشان رکندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏين جيڪي پي ٽي آءِ جا ورڪرز آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهي رهيا آهن اهي ويهي رهن، اسان کي اهي چونڊون کٽڻيون آهن. وزيراعظم گڏيل قومن مان اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ کي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد جي منظوري تي پنهنجي ٽيم، پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي ڪوششن تي کين مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان ٽن سالن کان ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ته اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل قومن ۾ قرارداد پاس ڪرايون، نائن اليون کانپوءِ اولهه ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت جي لهر هلي، ان جو هڪ سبب دهشتگردي ۽ اسلام کي ڳنڍڻ هو، اسلام ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، دهشتگردي جو ڪو مذهب نه آهي، ٻي شي نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي هئي، ان جي خلاف آواز اٿارڻ تي اولهه اسان کي تنگ نظر ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف سمجهندو هو. وزيراعظم چيو ته مون مسلمان ملڪن کي چيو ته ان جي خلاف هر فورم تي آواز اٿارڻ گهرجي، مون گڏيل قومن ۾ ان تي ڳالهه ڳڪئي، نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي تي نوجوانن مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندا هئا ته ان جو اثر نه ٿيندو هو، مون تڏهن چيو ته آئون اهو ڪيس وڙهندس ۽ الله جي فضل سان اڱاري ڏينهن 47 اسلامي ملڪن پاران پاڪستان گڏيل قومن ۾ اها قرارداد پيش ڪئي، ڪالهه کان مسلمان ملڪن مان اسلامو فوبيا جي خلاف ان قرارداد جي منظوري تي مبارڪباد جا پيغام ملي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا کان سڀ کان وڌيڪ اولهه ۾ رهندڙ مسلمان متاثر آهن، اتي حجاب پاتل مسلمان عورتن ۽ ڏاڙهي وارن کي ڪجهه وقت رستي ۾ روڪي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون، هن قرارداد سان سڀ کان وڌيڪ خوشي انهن کي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ ڪرناٽڪ جي عدالت حجاب جي خلاف فيصلو ڏنو، اهو اسلامو فوبيا آهي، اتي تنگ نظر متعصب اسلام مخالف ۽ مسلمان دشمن آر ايس ايس جي حڪومت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوششن جي ڪري گڏيل قومن ۾ اها قرارداد منظور ٿي، فضل الرحمان ٻڌائي ته 30 سالن کان هو مذهب جي نالي تي سياست ڪري رهيو آهي، ڇا هن ڪنهن اولهه اڳواڻ سان ان تي ڳالهه ڪئي؟ هو مدرسن جي ٻارن کي عمران خان جي خلاف ان کي يهودي ايجنٽ چئي مظاهرن ۾ آڻي ٿو، جنهن کي ”يهودي لابي“ قرار ڏين ٿا، ان شخص اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو هي 30 سالن ۾ نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته 1973ع ۾ قاديانين کي اقليت قرار ڏيڻ کانپوءِ هي سڀ کان وڏو ڪارنامو ٿيو آهي، گذريل 30 سالن ۾ جن ٽي ٽي وارا ورتا اهي ٻڌائين ته انهن ڪڏهن ان معاملي تي گڏيل قومن ۾ ڳالهه ڪئي، اهي اهڙي ڳالهه نه ڪري سگهندا هئا ڇو ته غلام ماڻهن جو ڪو عقيدو ناهي هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪلمو انسان کي آزادي ڏي ٿو، اهو ڪنهن جي آڏو نه جهڪڻ جو وچن ڪري آزاد ٿي وڃي ٿو، تحريڪ انصاف قائم ڪرن جو مقصد ئي اهو هو، عمران خان آمريڪي صدر سميت عالمي حڪمرانن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو، عمران خان جيڪڏهن چوري جا اربين رپيا ٻاهر منتقل ڪيا هجن ها، ان جون ٻاهر ملڪيتون هجن ها، ان جي اولاد ٻاهر وڏن وڏن محلن ۾ رهندي هجي ها ته اهو به آمريڪي صدر آڏو پرچيون کڻي ويٺل هجي ها، ماضي جي انهن حڪمرانن پنهنجي حرڪتن جي ڪري دنيا ۾ پاڪستان کي رسوا ڪيو، پاڪستاني عظيم قوم آهن پر جيڪڏهن انهن تي بدعنوان ۽ بزدل حڪمران ويٺل هجن ته اهي قوم جو قرض چنئوڻ تي وڌائي ۽ ملڪ کي مقروض بڻائي ڇڏين ٿا، انهن حڪمرانن انهن حالتن ۾ ٻاهرئين ملڪ جا 20، 20 دورا ڪيا، ملڪي مفادن کي پنهنجي ذات جي لاءِ قرآن ڪيو. وزيراعظم سوات جي ماڻهن کي مخااطب ڪندي چيو ته اهي هن ملڪ جي بقاءَ ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ سمجهي ڇڏين ته اهو ٽن بدعنوانن جو ٽولو آهي جنهن جو آئون شڪار ڪري ڏيکاريندس. وزيراعظم چيو ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ پئسن جون ٻوريون کڻي ويٺل آهن، جهڙي طرح ماضي ۾ نواز شريف ڇانگا مانگا ۾ ضميرن جا سودا لڳايا، سنڌ هائوس ۾ سيڪيورٽي گارڊ به سنڌ مان آندا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته انهن ڪرپٽ عنصرن کي اهو ڊپ آهي ته انهن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيسز تيار آهن، جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم رهيو ته انهن کي جيل وڃڻو آهي، انهي لاءِ ان ڪرپٽ ٽولي اهو فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته سڀ کان اڳ نيب کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جا فيصلائتا ڏينهن آهن، ان ۾ فيصلو ٿيندو ته ڪهڙو پاڪستان ٺهندو، اهي عنصر ملڪ جي ترقي کان ڊنل آهن، آئون چئلينج ڪريان ٿو ته گذريل حڪومتن جي اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي سان ڪنهن شعبي ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي، اسان انهن کان اڳتي هونداسين، اسان کي ڏيوالپڻو ٿيل ملڪ مليو ۽ ڪورونا جي وبا جي باوجود پنهنجي فيصلن سان ماڻهن کي ڪورونا کان محفوظ رکيو ۽ معيشت کي بچايو، دنيا اسان جي قدمن جي معترف آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ رڪارڊ روانگي واپار، رڪارڊ ٽيڪس اوڳاڙيون ٿيون جنهن جي ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ 10 رپيا في ليٽر جو ريليف ڏنو، بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپين جو ريليف ڏنو، اسان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات جو روانگي واپار رڪارڊ سطح تي آهي، زرعي شعبي ۾ آبادگارن کي 1100 ارب رپيا اضافي مليا، ملڪ ۾ چار فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، آءِ ٽي جو روانگي واپار رڪارڊ سطح تي آهي، اسان ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽرين منصوبو مڪمل ڪيو جڏهن ته هاڻي 10 بلين ٽري منصوبي تي عمل ڪري رهيا آهيون، اسان 50 سالن کانپوءِ 10 ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪيو، ان سان پاڻي ذخيرو ٻيڻو ۽ زرعي انقلاب ۽ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ جا بار جيڪي ٻاهرئين ملڪ رهن ٿا، اهي اهو چون اٿ ته اسان پاڪستاني شهري نه آهيون، ان جي ڌيءَ جي نالي تي لنڊن ۾ چار مهانگا ٽي گهر آهن جنهن جي اهي هڪ رسيد به نه ڏئي سگهيا، شهباز شريف جي چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 1600 ار رپيا نڪتا، ان کي ڊپ آهي ته هي جيل ۾ ويندو، انهي لاءِ سڀ ڏوهاري گڏ ٿي ضمير خريد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن کان سوال آهي ته اها ٻڌائي ته ڇا هارس ٽريڊنگ جي آئين اجازت ڏي ٿو؟ دنيا جي ڪا جمهوريت ان جي اجازت ڏي ٿي؟ هن شرڪت ڪندرن کي چيو ته اهي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي حڪم جي پيروي ڪن، جتي چوري جي پئسي سان ضمير خريد ڪيا پيا وڃن ته ان جي خلاف اٿي بيهڻ فرض آهي، 27 مارچ تي قوم ٻاهر نڪري، اسلام آباد پهچي ۽ دنيا کي ٻڌائي ته اسان سٺائي ۽ حق سان گڏ آهيون جڏهن ته چورن، ڦورن ۽ منافقن جي خلاف بيٺل آهيون.

مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ

متعلقہ مضامین