چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي: وانگ زي


APP37-220322 ISLAMABAD: March 22 – Chinese State Councilor and Foreign Minister, Wang Yi addressing the inaugural session of the 48th OIC Foreign Ministers’ Conference at Parliament House. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت مسلمان دنيا جي امنگن ۾ شريڪ آهي. هن افغانستان ۾ امن ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ چين جي خواهش کي پڻ ورجايو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ مسلمان دنيا ۾ 600 منصوبن ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين اسلامي دنيا کي ويڪسين جي 300 ملين خوراڪون فراهم ڪندو.

متعلقہ مضامین