پنڊ دادن خان – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کان لانگ مارچ ته پري واڪ به نه ٿيندو، نواز شريف، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، عمران خان کي جيڪا مخالف ڌر چئلينج ڪري رهي آهي اها پنهنجي پيرن تي هلي نه ٿي سگهي، لانگ مارچ ڇا ڪندي، جيڪي ماڻهو عدم اعتماد جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، انهن تي انهن جي گهر وارا اعتماد نه ٿا ڪن ته قوم ڪيئن اعتماد ڪندي، انهن کي پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪرڻو پوندو، نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ويو، اڄ سندس ڌيءَ عدالتن ٻاهران بيٺل آهي، پيءُ ۽ ڀاءُ وطن واپس نه اچي رهيا آهن، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام جا ڏوهاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي جلسن سان مخالف ڌر جون ننڊون حرام ٿي وينديون، اڄ مخالف ڌر کي خبر پوندي ته عوامي سمنڊ ڇا هوندو آهي، اڄ منڊي بهاءُ الدين ۾ وزيراعظم جي استقبال لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي پر هن اهو بهانو ڪيو ته اسان کي جيڪو چالان مليو آهي ان جي مس پڙهي نه پئي وڃي، انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ استاد جي ضرورت آهي، اهڙي طرح جا بهانا ڪري اهي بچي نه سگهندا. هن چيو ته منصور چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽن ۾ اربين رپيا آيا ۽ هنن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيا، انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته اها رقم انهن کي ڪيئن منتقل ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته هنن پاڪستان جي عوام سان ظلم ڪري رکيو آهي، جيڪڏهن ان ظلم طرف ڪنهن ڌيان ڇڪرايو آهي ته اهو وزيراعظم عمران خان آهي. هن چيو ته فضل الرحمان ۽ زرداري جون جدا جدا پارٽيون آهن، هڪ لبرل ۽ ٻي مذهبي پارٽي آهي، اهي سياست ۾ ان جي لاءِ گڏ ٿيا آهن جو انهن وٽ ماڻهو نه آهن. هن چيو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي حڪومتون ناهن تبديل ڪري سگهبيون، ان جي لاءِ محنت جي ضرورت هوندي آهي، بلاول ۽ مريم کي مشورو آهي ته سياست ۾ اچڻ جي لاءِ اهي اڳ ۾ ميئر جي چونڊ وڙهن، انهن کي خبر پئجي ويندي ته اهي ڪيتري پاڻي ۾ آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي لاءِ پنجاب سان تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن، اڄ اسان جي علائقن ۾ گئس ان جي لاءِ نه آهي ته نواز شريف پنجاب جي حقن جو سودو ڪري ڇڏيو هو، 18 هين ترميم تي صحيحون ڪيون ويون، ان جي نتيجي ۾ پنجاب کي گئس کان محروم ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ توانائي واري وزير کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن جي ڪوششن سان قانون پاس ٿي چڪو آهي، هاڻي انشاءَ الله پنجاب کي به باقي صوبن وانگر گئس ملي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ پنجاب ۾ انڊسٽري ۽ زراعت جو ٻيڙو غرق ڪيو، جيڪا موٽروي ٺاهي ان جي نتيجي ۾ پنجاب جا سمورا وڏا شهر نقصان ۾ هليا ويا، گوجرانوالا، جهلم، گوجر خان، سوهاوه، منڊي بهاءُ الدين، گجرات کي انهن ائين منصوبن مان ٻاهر ڪڍيو جيئن مکڻ مان وار ڪڍيو وڃي ٿو. هن چيو ته اڄ الحمدالله عمران خان موٽروي ڏني آهي جيڪا انشاءَ الله سيالڪوٽ موٽروي سان راولپنڊي کي ڳنڍيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ۾ 1906ع ۾ جڏهن هيڊ رسول ٺهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته جهلم ۽ خوشاب جي ماڻهن جي لاءِ واهه ٺاهيو ويندو، اهو واغد اڄ وزيراعظم عمران خان پورو ڪيو آهي. هن چيو ته 50 سالن کانپوءِ هن علائقي ۾ ڊوئل ڪيرج وي ٺهي رهيو آهي جيڪو موٽروي کي جي ٽي روڊ سان ڳنڍيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان اليڪشن وڙهي رهيا هئاسين ته هن علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي نه هو، وزيراعظم عمران خان پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو، وزيراعظم عمران خان جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جا مطالبا تسليم ڪيا. انهن منصوبن سان اسان جي علائقن جي قسمت بدلجي ويندي، اسلام آباد ۽ لاهور کي به ان جو فائدو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته منڊي بهاءُ الدين جي جلسي ۾ ماڻهو اڄ ثابت ڪندا ته عمران خان پاڪستان جو واحد ليڊر آهي جنهن جو آواز پوري دنيا ۾ ٻڌو وڃي ٿو، 23 سالن کانپوءِ ڪو وزيراعظم روس وڃي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي عوام ۽ پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، ملڪ ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو ملڪ جي عوام جو سوچي ٿو. هن چيو ته اڄ ڊگهي عرصي کانپوءِ اسان جو آبادگار خوشحال آهي، عوام کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، 10 لک رپين تائين علاج جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته اسان غريب عوام جي لاءِ راشن ڪارڊ جي سهولت آندي. هن چيو ته تيل جون قيمتون عالمي منڊي ۾ وڌن ٿيون ته مخالف ڌر ٻڌائي ڇڏي ته جيڪڏهن دنيا ۾ قيمتون وڌن ٿيون ته اسان کي پاڪستان ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري جيڪڏهن 23 هزار ارب قرض نه ورتو هجي ها ته اڄ اسان وٽ ايترا وسيلا هجن ها جو اسان سبسڊي ڏئي سگهياسين پئي. هن چيو ته هن سال به پاڪستان 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته انهن ماڻهن پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان ڦريو، پاڪستان جي عوام انهن جي ڦرلٽ کي ڄاڻي ٿي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ اسان بدلو ورتو، اهو بدلو ختم ناهي ٿيو، 2023ع جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان وزيراعظم چونڊجندو.
مخالف ڌر کان لانگ مارچ ته پري واڪ به نه ٿيندو، نواز شريف، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي سياست ختم ٿي چڪي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز