پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن: صادق سنجراڻي


APP41-080322 ISLAMABAD: March 08 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani exchanging views with Mr. Aybek Arif Usmanov, Ambassador of Uzbekistan to Pakistan at Parliament House. APP

اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪستان وچ ايشيائي ملڪن جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ معيشت، دفاع، ثقافت، تعليم، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے

متعلقہ مضامین